امر پيرزادو

امر پيرزادو

امر پيرزادو

امر پيرزادو: شاعر امر پيرزادي 6 آڪٽوبر 1980ع تي ٻلھڙيجي، تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مشھور اديب انور پيرزادي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري کان مئٽرڪ تائين گلستان شاهه عبداللطيف اسڪول، ڪراچي ۾ پڙهيو. 2000ع ۾ ملير ڪينٽ ڪاليج مان انٽر ۽ 2006ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي. کيس شروع کان ئي ادبي ماحول ميسر رهيو. جنھن ڪري 14 سالن جي عمر ۾ سندس لاڙو شاعري طرف ٿيو. شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس شاعري ’سوجهرو‘، ’لھرون‘، ’عوامي آواز‘، ’ڪاوش مئگزين‘ ۽ ٻين ادبي رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي. هي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۽ سنڌي ادبي سنگت، گلشن حديد سان وابسته آهي. ساس، شاخ گلشن حديد جو سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي رهي چڪو آهي. سندس ڪتاب: ’عشق‘ (شاعري: 2013ع)، ’فنا‘ (شاعري: 2018ع) ۽ پنھنجي والد جي زندگي ۽ علمي ڪم تي تحقيقي ڪتاب ’بابا انور پيرزادو‘ (2022ع) ڇپيل آهن. امر 2007ع کان هڪ فارما ڪمپنيءَ سان لاڳاپيل هجڻ سبب برطانيا، دبئي ۽ ملائشيا جا دورا ڪري چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1980.10.06  عيسوي

شاعر امر پيرزادي 6 آڪٽوبر 1980ع تي ٻلھڙيجي، تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مشھور اديب انور پيرزادي جي گهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آندل فقير
سلطان شاهه:
اعجاز علي شاهه اعجاز راشدي
سيد علي انور شاهه اجمل
احمد رضا
اداسي جکراڻي
ڀڳت ڪبير
ڀڳوان کلناڻي ساقي
سدارام ڀڳت
پئبلو نرودا
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون